اگهاماڻي تڙ-بندر

اگهاماڻي تڙ/بندر: دادو ڪئنال جي اوڀر ۾ تعلقي ميهڙ ۾ هڪ ڳوٺ هن نالي سان موجود آهي، جيڪو آڳاٽي زماني ۾ سنڌو درياهه جو مشهور بندر هو. هن بندر تان تيلي ٻج، مڱ، رانهان، مٽر، چڻا، ڪپهه، نير ۽ اناج وغيره ٻاهر ويندو هو. سنڌ جي ٻين بندرن وانگي سچو گيهه هتان کان ٻاهر موڪليو ويندو هو. هي بندر سمن جي صاحبيءَ ۾ ختم ٿي ويو ۽ هاڻي هڪ ڳوٺ جي صورت ۾ آباد آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو